جهانگير ترين استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ۽ سياست کان دستبرداري جو اعلان ڪري ڇڏيو

image

ملتان-12 فيبروري (اي پي پي) جهانگير ترين استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه ۽ ناليواري سياسي اڳواڻ جهانگير ترين پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي سياست تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ پريس رليز ۾ هن چيو ته مان ان سڀني جو ٿورو مڃيان ٿو جن چونڊن ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. مان پنهنجي مخالفن کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي عوام جي راءِ جو احترام آهي، ان لاءِ مان پاڻ کي سياست کان الڳ ڪرڻ سميت پارٽي چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي سمورن ميمبرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. مان ذاتي حيثيت ۾ پاڪستان جي خدمت جاري رکندس.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں