نگران وزيراعظم پاران ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن جي پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي مذمت

image

اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن جي پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم حملي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن. سڄي قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں