عورتن کي هراسان ڪندڙ ماحول ۽ رويو بدلائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي هراسان ڪندڙ ماحول ۽ رويو بدلائڻو پوندو، عوامي جاين، ڪم ڪار وارين جاين ۽ گهرن ۾ پڻ سازگار ماحول يقيني بڻائڻو پوندو. هو ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي محتسب فوزيه وقار، اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر سليم الله، مختلف ملڪن جا سفارتڪار ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا نمائندا تقريب ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه معاشري ۾ تمام گهڻو بعد ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ٿي آهي، 1400 سال اڳ حضور ﷺ ۽ قران پاڪ عورتن جا حق ٻڌايا هئا، جيڪڏهن اولهه سان ڀيٽ ڪريون ته اسان عورتن جو اهو وڃايل مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جيڪو 1400 سال اڳ قرآن ۽ سنت عورتن کي ڏنو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا محمد علي جوهر ۽ شوڪت علي جي والده، امان بي جو ڪردار ڏسو يا قائداعظم محمد علي جناح جو رتي جناح کي گڏ کڻي هلڻ، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ محترمه فاطمه جناح ۽ پاڪستان جي سياست ۾ بينظير ڀٽو جهڙين عورتن جو ڪردار نمايان نظر اچي ٿو، پاڪستان جي اندر ارتقائي عمل جاري آهي، وقت سان گڏوگڏ عورتن جو مقام بلند ٿيندو آيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به شعبي کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي مالي ضرورتون هونديون آهن پر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اسان کي رڳو پنهنجي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ رڳو 16 ڏينهن ڪافي نه آهي، عورتن کي هراسمينٽ کان بچائڻ، بااختيار بڻائڻ، بريسٽ ڪينسر جي روڪٿام، ذهني بيمارين کان بچاءُ ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ اسان کي مسلسل پيغام پهچائڻو پوندو ان جو مثال اسان وٽ ڪوويڊ 19 جو آهي، ان وبا دوران پاڪستان بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي، ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبيرن جي لاءِ هر گهر تائين پيغام پهچايوجنهن جا ثمر آيا ۽ پاڪستان دنيا جي انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن گهٽ جاني نقصانن سان گڏ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آندو. صدر چيو ته هر مشڪل بشمول جنگين ۾ به عورتن ۽ ٻارن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، ڪهڙو سبب آهي جو اهو ظلم عالمي برادري کي نظر نه اچي رهيو آهي، ڇو عالمي برادري عورتن ۽ ٻارن جي قتل عام تي خاموش آهي. هن چيو ته عورتن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ميڊيا جو پڻ اهم ڪردار آهي جهڙي طرح پي ٽي اي هڪ سال ۾ ساڍا 14 ڪروڙ ميسجز موڪليا آهن، اهڙي طرح هراسمينٽ جي خاتمي جي حوالي سان پڻ گهر گهر تائين پيغام پهچائڻو پوندو. ڊرامن، فلمن، ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي عورتن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جو پيغام ڏيڻو پوندو. اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته عوامي جاين، ڪار ڪار وارين جاين ۽ گهر جي اندر به عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول ميسر آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب، قائداعظم جا افڪار اسان کي اهو سبق ڏين ٿا ته عورتن کي بااختيار بڻائي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو وڃي، ان تي عملدرآمد کي تيز کان تيز تر ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته سپريم ڪورٽ عورتن کي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان وڌيڪ تشريح ڪئي آهي، ان ۾ صنفي هراسمينٽ ڪم ڪار وارين جاين کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن مثال ڏنو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ بابت اپيلن جي ٻڌڻي پاڻ به ڪندو آهيان ۽ تفصيلي جائزو وٺندو آهيان، اهو چيو وڃي ٿو ته ڪي ٺوس ثبوت نه آهن پر منهنجي ويجهو اهي شيون ان وقت تائين سامهون اچي چڪيون هونديون آهن، ان کانپوءِ آڊيو يا وڊيو ثبوت لازمي نه ٿو رهي. ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي محتسب فوزيه وقار چيو ته آئين عورتن جي حفاظت، بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت جو حق ڏي ٿو، عوامي جاين ۽ ڪم ڪار وارين جاين تي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. وفاقي محتسب کي ٻن سالن دوران 5 هزار درخواستون مليون آهن، سادي ڪاغذ تي درخواست ۽ انتقامي ڪارروائي کان تحفظ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي عورتن ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ تي بنا ڪنهن خوف اسان سان رابطو ڪن ٿيون، جيستائين عورتون مطمئن ۽ فيصلن تي عملدرآمد نه ٿو ٿئي تيستائين درخواست نه ٿي اڪلائي وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عورتن جي بئنڪنگ سسٽم تائين پهچ ۽ حصو بڻجڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ٽن سالن دوران عورتن کي ڊيجيٽل فنانسنگ جي حوالي سان انهن جي درن تي وڃي تربيت ڏني آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته بي آئي ايس پي سان گڏجي 9.3 ملين عورتن جا اڪائونٽ کولرايا وڃن. اسان جي عملي قدمن سان هن وقت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 18 سيڪڙو عورتون مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن هر سال ان ۾ اضافو پڻ ٿيندو. هن چيو ته عورتن جي مالياتي نظام ۾ شموليت ۽ پهچ کي آسان بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. تقريب دوران زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن جي عملي زندگي، ڪم ڪار وارين جاين تي خدمتن دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ موثر انداز بابت پليٽ فارم تي آواز اٿارڻ تي ٻڌل ڪاميابين تي ٻڌل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن خوب ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں