اسلام آباد – 08 ??يپ??مبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو م??يض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪورونا جا م??يض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ما?? صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 م??يض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 521 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 384، پنجاب ۾ 8 هزار 907، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزا?? 202?? اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بلوچستان ۾ 292، گلگت بلتستان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بلوچستان ۾ 13 هزار 321، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پنجاب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 807 م??يض آهن.