اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ?? امن جو خواهشمند آهي، اسان افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، غيروابسته تحريڪ جي اجلاس ۾ به يقين ڏياريو ته پاڪست??ن ڪورونا وبا جي ڏس ۾ پنهنجي افغان ڀائرن سان اهو ئي سلوڪ ڪندو جهڙو هو پنهنجي شهرين سان ڪندو، افغانستان ?? امن سان افغان پناهگير پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ويندا، ترڪي ۽ پاڪستان دل کولي پنهنجي پناهگير ڀائرن جي مدد ڪئي آهي، عيد جي اجتماع دوران به اسان کي ذميوار قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو آهي ۽ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغان پناهگيرن ۾ راشن بيگز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.