اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??رو??ا خلاف ڪارروائي جو 15 جنوري تي ئي فيصلو ڪيو هو، ملڪ ۾ غربت سبب لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، سوچ ويچار کانپوءِ تعليمي ادارا ۽ سرحدون بند ڪيون آهن، ماڻهو ذهن ۾ رکن ته ??رو??ا وائرس پکڙجندو، بلوچستان حڪومت ساراهه جوڳا قدم کنيا آهن، هر نزلي ۽ زڪام واري کي ??رو??ا نه ٿو ٿي سگهي. ??رو??ا جي حوالي سان قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ??رو??ا جي حوالي سان افراتفري پکڙجي رهي آهي، مون 15 جنوري تي چيو هو ته اسان ??رو??ا جي خلاف ايڪشن کڻ??داسين ڇو ته اهو چين ۾ پکڙجي چڪو هو، هي وائرس هڪ قسم جو نزلو آهي ۽ هي تيزي سان پکڙجي ٿو، عوام مطمئن رهي ته 97 ??يڪ??و مريض ٺيڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ان مان 4، 5 ??يڪ??و ماڻهن کي اسپتال وڃڻو پوي ٿو.