اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پ?? پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ مهانگائي، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وز??راعظم کي ضروري شين جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، وز??راعظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ ع??صر?? جي خلاف فوري ڪارروائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص ??ددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وز??راعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.