اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زرعي شعبي ۾ هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ب??ن الصوبائي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ننڍن آبادگارن کي سهولتن جي فراهمي ۾ مقامي سطح تي زراعت کي فروغ، غربت جي خاتمي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ننڍن آبادگارن کي سموريون ممڪن سهولتن جي فراهمي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم اها ڳاله?? ملڪ ۾ زرعي پيداوار خاص ??ور تي ننڍن آبادگارن کي سهولتون ۽ آسانيون فراهم ??رڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.