اسلام آباد – 02 نومبر (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا صاحب عوام هاڻي مڪمل طور بيدار ٿي چڪي آهي، ماضي ۾ اها ڪ??پٽ سياستدانن جا ڪرتوت ڏسي چڪي آهي، توهان سدائين پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ انهن ڪ??پٽ حڪمرانن کي تحفظ ڏيندا رهيا آهيو، قوم هاڻي ڪنهن به صورت ۾ مولانا کي مذهب ڪارڊ استعمال ڪرڻ نه ڏيندي، ديني مدرسن جي معصوم شاگر??ن کي رستن تي آڻي انتشار جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.