بيجنگ– 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع تي بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب وزيراعظم اربع تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم جي چيني سيڙپڪا??ن ۽ پاڪستاني واپارين سان به ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي دوري جي دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ سميت وسيع تعاون ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڳا??هه ٻو??هه ٿيندي. وزيراعظم جو اهو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريو?? دورو آهي. وفاقي وزير، خصوصي معاون ۽ اعلي سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل وفد به چين جي دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي.