اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فض?? الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو ??هم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کان انڪار ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مولانا فض?? الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم ??هن??ي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مولانا فض?? الرحمان کي ڳالهين واري عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معامل?? کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مولانا فض?? الرحمان جي ??وش??ن کي ساراهيو.