سکر- 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ئي اصل قيادت آهي، سکر ۾ عالمي معيار جي اسپتال جي قيام ۾ ڊا??ٽر عاصم حسين ۽ سندس خاندان جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، حيدرآباد ۾ انهي معيار جي اسپتال ٺاهي ويندي، ڊا??ٽر ضياالدين اسپتال جي يونيورسٽي لاءِ سنڌ حڪ??مت فنڊ فراهم ڪندي. ڊا??ٽر ضياالدين اسپتال يونيورسٽي ڪيمپس جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري، ڊا??ٽر عاصم حسين جي خاندان جي صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڊا??ٽر ضياالدين اسپتال جو قيام صدقه جاريه آهي، جنهن جو ثواب ڊا??ٽر عاصم جي خاندان کي ته پهچندو، اسان کي به ان خير واري ڪم جو ثواب ملندو. صدر مملڪت چيو ته ڊا??ٽر عاصم جو نانا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان جي ممبئي اسيمبلي جو ميمبر هو ۽ ريلوي جي شعبي جو ڊپٽي ايڊوائيزر ۽ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪم ڪندو رهيو ۽ اڄ سندس نسل ان ميراث کي اڳتي وڌائي رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سٺا خاندان پاڪستان آيا، انهن جي مدد ڪئي وڃي ته اهي ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڊا??ٽر ضياالدين اسپتال جي يونيورسٽي لاءِ سنڌ حڪ??مت خرچ برداشت ڪندي ته جيئن هتي ڏورانهن علائقن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي خدمت ٿي سگهي. حيدرآباد ۾ اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ ذاتي زمين فراهم ڪئي آهي، اتي به عالمي معيار جي اسپتال ٺهندي. بلوچستان ۾ حڪ??مت فنڊ فراهم ڪري اتي به ڊا??ٽر ضياالدين اسپتال ٺهندي، سکر کي ٻين شهرن وانگر ترقياتي منصوبا ڏيڻ چا??يون ٿا. روهڙي جي آغاز کان واهه کي پڪو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن تي 15 ارب روپيا روهڙي جا خرچ ٿيندا. جيڪي ڪاربن ڪريڊٽ کان آيا آهن ته جيئن هتان سڄو پاڻي صاف ٿي نڪري. قائد عوام جي ان روايت تي هلندا رهنداسين ته غريب عوام جي خدمت ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪ??مت تي زور ڀريون ٿا ته عوامي خدمت کي ترجيح ڏي. ان موقعي تي صدر مملڪت، ڊا??ٽر ضياالدين اسپتال يونيورسٽي ڪيمپس جو افتتاح پڻ ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته سنڌ حڪ??مت نجي شعبي جي عالمي معيار جي اسپتال جي سکر ۾ قيام جي آجيان ڪري ٿي ۽ ڊا??ٽر عاصم حسين جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪ??مت سرڪاري، نجي حصيداري سان صحت ۽ تعليم جي شعبن جي حوصلا افزائي ڪندي ۽ هر ممڪن عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکندي، صحت جو شعبو اسان جي اولين ترجيح آهي. تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، پارليامينٽ جي ميمبرن، ڊا??ٽر عاصم حسين، علائقي جي چڱن مڙسن ۽ سرندي وارين شخصيتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.