اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀ??تي?? جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريم??نڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جواد ۽ فواد خان کي عدالت ۾ پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان ريڪوري ڪري ورتي آهي، جوابدارن کي جوڊيشل ريم??نڊ تي جيل موڪليو وڃي. اي پي پي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي قبضي مان رڪارڊ برآمد ڪرائڻ گهربل آهي، جوابدارن کي جسماني ريم??نڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جوابدارن کي جوڊيشل ريم??نڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ايف آءِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت مان جوابدارن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري ٻاهران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀ??تي?? جي ڪيس ۾ جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.