اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪس??ان ۽ بيلا ??وس وچ ۾ واپار ۾ واڌ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي مشينري ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ بيلا ??وس جي توانائي واري وزير سان بزنس فورم جي گڏيل صدارت دوران ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان بيلا ??وس بزنس فورم دوران 8 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ بيلا ??وس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطي جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. هتي مقامي مارڪيٽ ۾ ??نه?? جي وڏي طلب آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 27-2025ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون جا عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ بيلا ??وس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪس??ان بيلا ??وس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪس??ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ توانائي، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن سميت ??يا شعبا کليل آهن. هن چيوته پاڪس??ان ۽ بيلا ??وس جي ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪس??ان مان گوشت، ڊيري، زرعي شين ۽ ڪاغذي شين جي روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. واپار واري وزير چيو ته بيلا ??وس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪس??ان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪس??ان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مارڪيٽ آهي.