لاهور- 22 نو??بر (اي پي پي) پاڪستان فلم انڊيسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي 41 هين ورسي 23 نو??بر تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي طبقن ۽ سندس مداحن طرفان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ نثار مراد جي گهر پيدا ٿيو. وحيد مراد پاڪستاني فلم انڊيسٽري جو اسٽائلش هيرو هو. اداڪار طورتي سندس انداز ۽ گانن جي پڪچرائزيشن تحسين جوڳي هئي، جنهن کي ڀارت جي فلم انڊسٽري ۾ به نقل ڪيو ويندو هو. هن فلم ساز طورتي پڻ خدمتون انجام ڏنيون. فلم ساز طورتي سندس 2 فلمون انسان بدلتا هي ۽ جب سي تمهين ديکا هي رڪارڊ بزنس ڪيو. انهن فلمن جي ڪري وحيد مراد شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. وحيد مراد جي بهترين فلمن ۾ هيرا اور پٿر، بهارو ڦول ??رسائو، مستانه، ماهي، مني، ثريا بوپالي، ديور ڀاڀي، انجمن، سا??گره ۽ ارمان نما??ان آهن. وحيد مراد جي آخري فلم هيرو هئي جيڪا سندس وفات بعد 1985ع ۾ ريليز ٿي. وحيد مراد 23 نو??بر 1983ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 45 سا??ن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.