لاهور- 09 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي، قطر ۽ آذربائيجان پ??ڪس??ان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، علامه اقبال جا فڪر ئي اسان لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني پنهنجي آزادي لاءِ پارٽي قيادت کي ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائيندو ??هي??. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن مزار اقبال تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري مسلمان امت کي اقبال جي خودي جي پيغام تي پهرين کان وڌيڪ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، علامه اقبال جي فلسفي ۽ شاعري کي وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو پڙهايو ويندو آهي، اسان اقبال جي ويزن موجب نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو واضح ويزن آهي ته اسان کي قرض ناهي وٺڻو ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي آهي، جلد ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، حڪومتي ڪوششن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جنهن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، آٽو، پيٽرول سستو ۽ روپيو مستحڪم ٿي ??هي?? آهي، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي ۾ واڌ ٿي آهي، هاڻي پ??ڪس??ان کي ترقي ڪرڻي آهي، عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جا قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته اسان دوست ملڪن سان قرض ۽ امداد نه پر سيڙپاڪري جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. سعودي عرب سان سيڙپڪاري جا معاهدا 6 ارب ڊالرن کان وڌي چڪا آهن، قطر پ??ڪس??ان ۾ 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي، آذربائيجان پ??ڪس??ان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري ??هي?? آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته بزنس ٽو بزنس معاهدا ٿين، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، ڪاروباري طبقي کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، ڪيترائي ملڪ برڪس ۾ پ??ڪس??ان جي ميمبرشپ جا حامي آهن، سي پيڪ تيزي سان اڳتي وڌي ??هي?? آهي، پ??ڪس??ان جا چين سان لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، مشهور سعودي سب وي پ??ڪس??ان ۾ پنهنجون برانچون کولي سيڙپڪاري ڪري ??هي?? آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رياست کان رياست جا معاملا پرڏيهي پاليسي جو حصو هوندا آهن، پ??ڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آهي، پ??ڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي سبب سڄي دنيا سان لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪو به سياسي اڳواڻ يا سياسي پارٽي ملڪ کان وڌيڪ ناهي، معاشري ۾ ويڇا ۽ نفرتون پکيڙڻ اصل ۾ غيرن جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي آزادي لاءِ پارٽي قيادت کي ڌرڻن ۽ ڏڦيڙ لاءِ ڀڙڪائيندو ??هي??، 9 مئي جا ڏڦيڙي پ??ڪس??ان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهن. عطا الله تارڙ چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين کي سياست کان مٿانهون هجڻ، فلسطين بابت زيڪ گولڊ سمٿ جي بيان جي اڄ تائين مذمت ناهي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪندڙ پهرين ئي اسرائيل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اسرائيل لاءِ فنڊز جمع ڪري هٿي?? خالي فلسطينين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته خيبرپختونخواه ۾ ڪو ڪم نه ٿي ??هي?? آهي، خيبرپختونخوا ۾ مهانگائي ۾ نه گهٽتائي آئي نه ئي گاڏين جا ڀاڙا گهٽيا آهن، هن چيو ته عثمان بزدار کي پنجاب جو حڪمران بڻائي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ايس سي او کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 12 ملڪن جا وزيراعظم پ??ڪس??ان اچي رهيا هئا ۽ پي ٽي آءِ وارا احتجاج ڪري رهيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي ڪنهن کلي مخالفت نه ڪئي، وڪيلن 26 هين آئيني ترميم جي حمايت ڪئي آهي، آئيني ترميم وڪيلن جو پراڻو مطالبو هو ۽ ان معاملي تي اهي متحد ۽ متفق آهن. 26 هين آئيني ترميم جي مسودي تي پي ٽي آءِ باني موجوده قيادت کي ڇنڊ پٽي، وفاقي وزير چيو ته ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر قدم کڻنداسين. چئن سالن ۾ محمد نواز شريف ملڪ ۾ امن قائم ڪري ڏيکاريو، پي ٽي آءِ حڪومت دهشتگردن کي واپس آڻي پ??ڪس??ان ۾ آباد ڪيو، خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻو پوندو، ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست کان پاڪ هجڻ گهرجي، چيمپئنز ٽرافي پ??ڪس??ان جو حق آهي ۽ اها پ??ڪس??ان ۾ ئي ٿيندي.