اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته آپريشن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث چار دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز مبارڪباد جون مستحق آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته ا??ن امان ۾ رڪاوٽ وجهن??ڙن کي انتهائي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.