راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيش??ا جي وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيش??ا جي وزيراعظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لا??اپ?? وڌائڻ جي ضر??رت تي ??ور ڀريو ويو. ملائيش??ا جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيش??ا جي وزيراعظم آرمي چيف کي ملائيش??ا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي ??رمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ ملائيش??ا جي وزيراعظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.