اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاور سيڪٽر ۾ گورننس کي مضبوط ڪرڻ ل??ءِ حڪومت جي ??ڪمل عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري پڌرائي موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ??دا??ت هيٺ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي ??ئين جوڙيل بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسڪوز طرفان انتهائي ضروري انساني وسيلن تي ڌيان جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز کي هدايت ڪئي وئ?? ته انساني وسيلن جي ضرورتن جي سطح کي فعال ضرورتن ۽ وڌ کان وڌ افاديت ل??ءِ آئوٽ سورسنگ جي اصولن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي چوري جي خاتمي ۽ ڪسٽمر ڪيئر جي روشني ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. نائب وزيراعظم ڊسڪوز ۾ گورننس جي ??سئلن کي حل ڪرڻ ل??ءِ حڪومت جي ??ڪمل عزم جو اظهار ڪيو.