اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن ۽ توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس ??حمد خان لغاري، شهيد لان?? نائيڪ حسنين علي شاهه جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته شهيد لان?? نائيڪ حسنين علي شاهه عوام ۽ پاڪ ڌرتي جي تحفظ لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪي?? آهي. پاڪستان لان?? نائيڪ حسنين علي شاهه جي رت جو قرضي آهي، شهيدن جي قرباني ڪڏهن به ضايع وڃڻ نه ڏينداسين. لان?? نائيڪ 2015ع ۾ وادي تيراه ۾ آپريشن ضرب عضب دوران شهيد ٿيو هو.