اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير 14 آگسٽ تي ملهائجندڙ آزادي جي تقريبن جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ سي ڊي اي جو دورو ڪيو. اطلاعات، ن??ريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 14 آگسٽ کي آزادي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رن??او?? سندس شاندار استقبال ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ( آءِ سي ٽي)، ايڊمنسٽريٽر (ايم سي آءِ) ۽ سي ڊي اي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي ”آزادي فيسٽ“ طور ملهائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن جو مقصد پاڪستاني عوام ۾ حب الوطني جي جذبي کي زندهه ڪرڻ آهي. هلندڙ سال ”آزادي فيسٽ“ ۾ پرچم ڪشائي، ميوزيڪل ڪنسرٽس، فوڊ فيسٽيول، مختلف پاڪستاني ثقافتن جي نمائش، مختلف شوز، آتش بازي ۽ اسلام آباد جو پهريون ڊرون شو شامل هوندو. انهن تهوارن کانسواءِ شهر جي خصوصي رنگ روغن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ اسلام آباد جي سرڪاري شو بنڪر مارگو (MarGo Official Mascot of Islamabad) جي ذريعي براڊنگ، مارگلا جي نمائندگي ڪندڙ ”مار“ ۽ خوشحالي جي علامت ”گو“ شامل آهن. ”آزادي فيسٽ“ کي هڪ ميگا ايونٽ بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز کي مختلف سرگرمين کي اسپانسر ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويندو. جنهن ۾ ميوزيڪل ڪنسرٽس، لائٽنگ جا انتظام، وڻڪاري مهم، تقريبن دوران سٽي برانڊنگ ۽ ڊرون شو شامل آهن. ايونٽ جي اسپانسرز کي خصوصي موقعا ۽ مف?? جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪيو?? وينديون ته جيئن اهي پنهنجي تعاون سان گڏوگڏ انهن جي برانڊ اميج کي پڻ ظاهر ڪري سگهن. اجلاس چيئرمين محمد علي رن??او?? پاران وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سندس دوري ۽ تعاون تي ٿورا مڃيندي پڄاڻي تي پهتو.