اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذ??با??يجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف آذري صدر کي ڀليڪار چوندي چيو ته توهان کي پاڪستان ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ توهان جو پاڪستان جو دورو انتهائي خوش آئنده ۽ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان ۽ آذ??با??يجان جي وچ ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذ??با??يجان جي وچ ۾ اقتصادي، توانائي، سياحت، ثقافتي، تعليمي، ٽيڪنالاجي، ص??ت جي سارسنڀال ۽ ماحولياتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌايو ويندو. وزيراعظم باڪو کي 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ميزباني ملڻ تي آذ??با??يجان جي صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آذري صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تع??ون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا سان ڳا??هه ٻولهه ڪئي. آذري صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. آذري صدر چيو ته شروعاتي طور تي آذ??با??يجان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته آذ??با??يجان اسلام آباد جي رنگ روغن ۽ خوبصورتي ۾ اضافي جي لاءِ تع??ون ۾ اضافو ڪندو. ٻنهي طرفن باڪو ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڏامن ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم آذ??با??يجان ۾ پاڪستاني چانور جي ڊيوٽي فري برآمد جي فيصلي تي آذ??با??يجان جي صدر جا خصوصي طور تي ٿورا مڃيا.