عمان – 11 – جون (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اردن ۾ منعقد ٿيندڙ ”غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نا??ب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اردن ۽ مصر سان گڏيل طور تي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم کي اهڙي وقت ۾ ساراهيو جڏهن فلسطين جي عوام کي عالمي حمايت ۽ فوري انساني امداد جي سخت ضرورت آهي، هن عالمي سطح تي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ فع??ل ڪردار کي پڻ ساراهيو. نا??ب وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ ۽ وحشياڻي استعمال جي پاڪستان جي شديد ۽ واضح ??ذم?? جو ورجاءُ ڪندي اسرائيل پاران ڪيل جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو احتساب ڪرڻ، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه جي گهيري ۾ ورتل ماڻهن کي بنا رڪاوٽ انساني امداد پهچائڻ ۽ بي گهر فلسطينين جي واپسي کي يقيني بڻائڻ تي ??ور ڏنو. نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي پڻ ??ور ڏنو ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري.