اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي گذريل ڏينهن متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) جو چيئرمين چ??نڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم چيو ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي بطور ڪنوينر متحده قومي موومينٽ پاڪستان پارٽي ۾ هڪ نئون روح ڦُوڪيو ۽ پارٽي قومي مفادن جي خاطر مشڪل فيصلن ۾ حڪومت ج?? ڀرپور ساٿ ڏنو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ متحرڪ ٿيندي.