لاهور – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مل??قا?? ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قا?? دوران ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزارت جي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم کي پنهنجي آمريڪا جي ايندڙ دوري بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير دوري دوران عالمي مالياتي اداري، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻ??ن ادارن سان پنهنجي طئي ٿيل مل??قا??ن جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. مل??قا?? ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.