اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان کي ??سليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪومت کي ??سليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان هڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي ??قي?? رکان ٿو ته خطي جا سمورا ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪومت کي ??سليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي ??مجهي چڪا آهن، مون کي ??قي?? آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان کي ??سليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان ج?? وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي ??المي سرحد جي طور تي منظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي ??فغانستان جي ڪج??ه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي اچن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصان پهچائين?? ته آئون توهان کي ??هو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان هجي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته اهو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي ??فغانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.