ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ??ي مضبوط بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن ??ي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آه??. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ عو??مي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آه??. نگران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عو??م سعودي عر?? جي قيادت ۽ عو??م جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آه??.