اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سموريُون اڳڪٿيُون ۽ افواهه دم ٽوڙي چڪا آه??، 8 فيبروري 2024ع جي صبح 8 وڳي پولنگ اسٽيشنز کلنديون ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ان??ٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي اهتمام هيٺ سڌاراجاتي منشور ج??ري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ مسلسل اهو ئي چئي رهيا آه??ون ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميو??ري آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آه?? ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، چونڊون وقت سر منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا جي ذميو??ري اڳ کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ميڊيا کي ان ڏس ۾ ذميواراڻي رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس سڌارن، صحت، تعليم ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙا مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آه??، زراعت ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو آه?? پر ان شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آه??. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 ۽ 140 اي تحت مقامي حڪومتون مالي، سياسي ۽ ان??ظامي طور تي خودمختي??ري هونديون، 18 هين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر اهي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو اصل ڪم قانونسازي ۽ ملڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ آه??، دعوائن ۽ واعدن جي تڪميل سياسي پارٽين جو ڪم آه??. هن چيو ته سياسي پارٽين جي ان??ر جمهوري روين جي ضرورت آه??، ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي فيصلي سان هڪ مثال قائم ٿيو آه?? ته پارٽين جي ان??ر چونڊون ۽ جمهوري رويو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي ان??ر جمهوريت نه هجي ته اها ڪهڙي طرح ملڪ ۾ جمهوريت جي دعويدار ٿي سگهي ٿي؟ نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي بنيادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.