اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سولنگي سعيد احمد شيخ جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ دنيا جي انمول هستيءَ آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ وڏو سانحو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعيد احمد شيخ جي خاندان جي ڏک ?? برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعيد احمد شيخ جي والده مر??ومه جي آخرت جون منزلون آسان فرمائي. مر??ومه جي روح کي جنت ?? اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.