اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير زرعي شعبي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي خ??م ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پ??دا ڪيو پيو وڃي. هو ڪسان ڪنويشن کي خ??اب ڪري رهيو هو. هن چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر اسان قائداعظم جي ٽن سنهري اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم کي وسارڻ سبب تنزلي جو شڪار ٿياسين. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته زراعت ۽ مال چارڻ نبوي پيشو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان پيشي ۾ ڊسيپلين، تڪليف ، اوسر ۽ صبر شامل آهن جن جي نتيجي ۾ تمام وڏا انعام ملندا آهن، پاڪستان جي باري ۾ افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن پر اوهان کي خ??ر هج?? گهرجي ته ڪلمي جي نالي تي ٻه ئي رياستون قائم ٿيون، رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان، هي رڳو اتفاق ناهي. هن چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالا مال آهي، پاڪستان وٽ گليشيئرز، درياءَ، جبل، سمنڊ ۽ زرخيز زمين آهي جنهن مان دنيا جو بهترين چانور، ڪينو ۽ انبن جهڙا ميوا، گرينائيٽ، سون ۽ ٽامي جهڙا خزانا موجود آهن. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان کي سڀ کان پهرين زراعت تي ڪم ڪرڻو آهي، گرين پاڪستان انيشيٽو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن ڏانهن ويندو جڏهن به باقي حصو آبادگارن ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو ويندو. فوج جو ان ۾ رول صرف عوام ۽ آبادگارن جي خ??مت آهي. آرمي چيف چيو ته سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون. آسان زرعي قرضن، ڪولڊ اسٽوريج جي چين، موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ ٻج ۽ جينيٽڪلي انجنيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي سزا ڏينداسين، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پ??دا ڪري ڪوڙين خبرن ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته رياست پنهنجو وجود وڃائيندي پئي وڃي. آرمي چيف جي خ??اب دوران آبادگار بار بار نعره تڪبير ۽ پاڪستا?? زنده آباد جا نعرا لڳائيندا رهيا. ڪسان ڪنوينشن دوران آبادگارن جي پاڪ فوج زنده باد جا به نعرا هنيا ويا.