اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان جو آئين اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ضامن آهي، قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته پاڪس??ان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل ??ون??و. ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ مسيحي برادري سميت سمورين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، مسيحي برادري جي ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ت?? اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پنهنجي ملڪ پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهيون.