اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مختلف مسئلا درپيش آهن، ذهني صحت جي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪر??و پوندو، نفسياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ضرورت آهي. هو ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير سميت صوبائي کاتن ۽ نفسياتي صحت تي ڪم ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وزارت پاران ذهني صحت جي ايپ ”همراز“ تي روشني وڌي وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اپريل 2023ع ۾ ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 240000 کان وڌيڪ ڪالز موصول ٿي چڪيون ??هن. صدر ذهني صحت جي خدمتن جي فراهمي لاءِ همراز ايپ قائم ڪر?? کي ساراهيو ۽ ذهني صحت تي معاونت جو نظام بهتر ڪر?? ۽ همراز ايپ موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ذهني صحت پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبن جي مهارت استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس ڪو??شن جي ضرورت آهي، ذهني صحت بابت سمورن قدمن تي هڪ ٺوس موقف اختيار ڪر??و پوندو. صدر پيشيور ??اڻ??ن جي کوٽ ختم ڪر?? جي لاءِ آن لائين تربيت، انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ آگاهي پيدا ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نفسياتي معاونت فراهم ڪر??، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ خاندان جي ڪردار تي روشني وڌي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي تنظيمن سميت مختلف ڌرين جي مدد سان ٺوس موقف جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صحت واري نگران وفاقي وزير صحت جي مختلف مسئلن بابت شعور اجاگر ڪر?? ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون ??ول جي ڪردار کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي قائم ڪيل روايت برقرار رهندي ۽ ان تي عمل جاري رکيو ويندو.