اسلام آباد – 01 – نومبر (ا?? پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق مح??ود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن منظور سلهري جي قيادت ۾ ربجا (جاويد گروپ) سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق مح??ود خان ک?? پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن ??ي درپيش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان ??وقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده درپيش ملڪي معاشي چئلينجز جي باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمرد اعواڻ، ذيشان ??يوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.