اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ شرڪ?? جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قياد?? جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چي?? ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي اقتصادي ?? فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.