اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن کي سگهه ملي آه??، اٽڪ?? 28 ??زار پاڪستاني شاگرد چين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آه??، پاڪستان ۾ چيني زبان سکندڙن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آه??. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ آرٽ نمائش ۽ ثقافتي شو کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ??يو ته سي پيڪ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطا نئين بلندين تي پهتا آه??، اٽڪ?? 28 ??زار پاڪستاني شاگرد چين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آه??، تعاون جو اهو رخ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو فريم ورڪ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آه??. هن ??يو ته پاڪستان ۾ چيني زبان سکندڙن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آه??، ان حوالي سان پنجاب يونيورسٽي، نمل يونيورسٽي جهڙن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ انسٽيٽيوٽ پڻ قائم ڪيا ويا آه??. ان کانسواءِ پاڪستاني شاگرد چيني زبان سکڻ ۽ پروفيشنل ڊگري/ ڊپلوما حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيني حڪومت جي وظيفن تي چيني يونيورسٽين ۾ پڻ تعليم حاصل ڪري رهيا آه??. هن ??يو ته پاڪستان ۽ چين جا فنڪار آرٽ جي نمائشن جي ذريعي پنهنجي فن پارن جي نمائش جي لاءِ اڪثر هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪندا آه??. هن ??يو ته پاڪستان ۽ چين 2022ع ۾ گڏيل پڌرنامي ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ عوامي سطح تي رابطن، سياحت جي شعبي ۾ تعاون ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو، نومبر 2021ع ۾ ٿيندڙ سياحتي مٽاسٽا ۽ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي عمل ڪندي ٻنهي ملڪن 2023ع ۾ پاڪ چين سياحتي مٽاسٽا جو سال ملهائڻ ۽ سياحت کي فروغ ڏيندڙ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن ??يو ته مئي 2023ع ۾ پيلس ميوزيم ۾ پاڪ چين گڏيل نمائش ۾ پاڪستاني عجائب گهرن مان گنڌارا تهذيب جي 173 نمونن جي نمائش ڪئي وئي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ورثي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ عام ماڻهن ۽ چيني اسڪالرز جي لاءِ پاڪستان جي ورثي بابت بصيرت فراهم ڪرڻ هو. هن ??يو ته اها مٽاسٽا نئين نه آه??، حقيقت ۾ 138 قبل مسيح کان وٺي اسان جي جديد دور تائين شاهراهه ريشم انهن ڪميونٽيز جي وچ ۾ مٽاسٽا، اثررسوخ ۽ تعاون جي لاءِ هڪ ڊگهي ترين ۽ مستقل مرڪز جي نمائندگي ۾ ڪامياب رهي آه??. هن ??يو ته شاهراهه ريشم سان نه رڳو جنسن جي مٽاسٽا ٿئي ٿي پر ان ثقافت کي پڻ فروغ ڏنو آه??. مثال طور ٻڌازم انهي شاهراهه جي ذريعي چين پهتو، واپاري ڪاروان سان گڏ ٻڌ راهب هندستان کان وچ ايشيا ۽ چين ويا. هن ??يو ته شاهراهه ريشم سان گڏ ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻڌمت جون يادگارون پڻ دريافت ٿيون. هن ??يو ته قديم دور ۾ ٻڌمت چين ۽ پاڪستان ٻنهي ۾ پروان چڙهيو. مشه??ر چيني سياح ۽ اسڪالر زان زانگ ستين ص??يء?? ۾ گنڌارا تهذيب جي علائقي جو سفر ڪيو جيڪو هاڻي موجوده پاڪستان آه??. هن پنهنجي سفرنامي ۾ مشهور بالاحصار فورٽ وا??يء?? سوات جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪا هڪ قلعو بند شاهي رهائشگاهه هئي. هن ??يو ته ٽيڪسلا رستي پاڪستاني خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه?? جتي گنڌارا آرٽ جي ظهور سان گڏ ثقافتي سرگرميون عروج تي هيون. گنڌارا خطو ۽ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ٻئي 486-522 قبل مسيح تائين اولهه سان رابطا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.