اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪست??ن ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي وسيع ??لاحيت موجود آهي، نگران حڪومت م??يشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين سي??پڪ??ري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل جي سيڪريٽري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪريٽري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايس آئي ايف سي تحت ٻاهريون سرمايو وڌائڻ ۽ سي??پڪ??رن جي سهولت لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان حڪمت عملي تحت سي??پڪ??رن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سهولت ڏني ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي فروغ لاءِ عالمي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي توانائي شعبي جي بهتري لاءِ ريگيوليٽري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سي??پڪ??ري جي وسيع ??لاحيت موجود آهي، نگران حڪومت ا??س آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻائيندي، نگران حڪومت پنهنجي مختصر حڪومت جي دور ۾ پنهنجون سموريون توانائيون پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي تي لڳائيندي، خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ايس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سي??پڪ??ري جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.