اڳوڻي دور ۾ پيمرا آرڊر سان هڪدم ميڊيا تي پابنديون لڳايون ويون، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع سڀني صحافتي تنظيمن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو، صحافين جي حق لاءِ اسان گڏجي ويٺاسين، ميڊيا کي فيصلي سازي جو اختيار ڏنو ويو: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته اڳوڻي دور ۾ پيمرا آرڊر سان هڪدم ميڊيا تي پابنديون لڳايون ويون، پي ٽي آءِ دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جي سڀني سياسي پارٽين ۽ ميڊيا تنظيمن مخالفت ڪئي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع سڀني صحافتي تنظيمن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو، صحافين جي حق لاءِ اسان گڏجي ويٺاسين،ميڊيا پاڻ ان بل ۾ پنهنجي ذميواري جو تعين ڪيو آهي، اهو بل حڪومت جو نه اهو پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام، ميڊيا ۽ صحافين جو بل آهي جنهن ۾ صحافين جي حقن کي محفوظ بڻايو ويو آهي، ان ۾ صحافي تنظيمن جي نمائندگي شامل آهي، جنهن ۾ ميڊيا کي فيصلي سازي جو اختيار ڏنو ويو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پيمرا جا لائيسنس يافته 140 چينل آهن، انهن ۾ 35 نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز، 52 تفريحي چينل، 25 ريجنل چينل، نان ڪمرشل ۽ ايجوڪيشن جا 6، اسپورٽس جا 5، هيلٿ ۽ ايگرو جا 7 چينل، ايجوڪيشن ڪمرشل جا 10 چينل شامل آهن. پيمرا آرڊيننس 2002ع کان پوءِ اڄ 2023ع آهي جتي ميڊيا اندر ايتري چٽاڀيٽي پيدا ٿي چڪي آهي ته ان ۾ مختلف چينلز اچي ويا آهن، اسان سڀئي سوشل ميڊيا جي هڪ نئين دور مان گذري رهيا آهيون، جتي اظهار راءِ لاءِ پليٽ فارم متعارف ٿي چڪا آهن. اهي سڀئي چينل سائبر اسپيس ۽ سوشل ميڊيا تي موجود آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن جي دور ۾ ميڊيا تي سينسرشپ رهي، ميڊيا جي زبان بند ڪئي وئي، عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب مليو، ان کي اهو خطاب ان جي سياسي مخالفن يا پاڪستان جي ڪنهن اداري نه پر عالمي صحافتي ادارن اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان ڏنو. ان وقت هلندڙ پروگرام پيمرا جي آرڊر سان هڪدم بند ڪيا ويندا هئا، صرف پيمرا چيئرمين جي صحيحي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري صحافين ۽ چينلن تي پابندي لڳائي ويندي هئي. هن چيو ته گذريل دور ۾ صحافين کي گوليون هنيون ويون، انهن کي اغوا ڪيو ويو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويا ۽ انهن کي جيل موڪليو ويو. مريم اورنگزيب مير شڪيل الرحمان جو مثال ڏيندي چيو ته مير شڪيل کي ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ هاڻي سڀئي آزاد ٿي چڪا آهن. هن کي نواز شريف کان سياسي انتقام وٺڻ لاءِ نيب جي ڪيس ۾ جيل موڪلي اهو پيغام ڏنو ويو ته جيڪڏهن هي جيل وڃي سگهي ٿو ته پوءِ ميڊيا جي ٻين ماڻهن تي به ڪيس ٺهي سگهن ٿا. عمران خان جي دور دوران پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون لاڳو ڪري ميڊيا جي زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ اسان ڏٺو ته ان وقت جو سڌ سماءَ وارو وزير صحافين کي چماٽون هڻندو هو ۽ ڌمڪيون ڏيندو هو ته مان ڏسي وٺندس ته پي ايم ڊي اي قانون ڪيئن منظور نٿو ٿئي، وفاقي وزير چيو ته اپريل 2022ع ۾ جڏهن مون کي سڌ سماءَ وارو عهدو مليو ته 23 اپريل 2022ع تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان منهنجو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، ايمنڊ، پي ايف يو جي جا نمائندا ان ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل هئا، انهن سڀني تنظيمن جو شڪريو ادا ڪيان ٿي. انهن پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ منهنجي معاونت ڪئي، هن چيو ته اسان پهريون ڀيرو پيمرا قانون ۾ سڀني ميڊيا تنظيمن جي معاونت سان ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح کي شامل ڪيو. اسان ان فرق کي واضح ڪيو ته مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ ڪهڙو فرق آهي. هن چيو ته اخباري ملازمن لاءِ آءِ ٽي اين اي موجود هو، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪو به فورم موجود نه هو. صحافين کي سياسي بنيادن تي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، اسان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي حقن جي تحفظ لاءِ گڏجي ويٺاسين، هن چيو ته پيمرا ترميمي بل گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي جي منظور ٿيل قراردادن ۽ صحافين جي مشاورت سان ٺاهيو آهي، ان بل ۾ برطانيه، ملائيشيا، فلپائن، سنگاپور، فرانس، انڊيا، برازيل، روس، يورپي يونين، آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ ميڊيا جي حوالي سان موجود قانون کي ڏسندي شقون شامل ڪيون ويون. هن چيو ته يو اين جي انساني حقن واري ڪميٽي جي قراردادن مطابق بل کي تيار ڪيو ويو، اڄ ڪجهه ماڻهن کي انهي لاءِ تڪليف ٿي رهي آهي ته اهو بل ٺهيو ڪيئن، ڪهڙي ريت سڄي ميڊيا ان تي متفق آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ ترميمن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ان بل جو جائزو ورتو ويو آهي، هن ميڊيا کي پيمرا آرڊيننس 2002 ۽ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جو ورتل جائزو به ڏيکاريو. هن چيو ته پيمرا جي شروعات ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي مواد ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خبر جي جاءِ تي تصديق ٿيل خبر، برداشت، معاشي ۽ توانائي جي ترقي، ٻارن بابت مواد، رانديون، مذهبي هم آهنگي ۽ ٽيڪنالاجي کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عوام جي تفريح، تعليم ۽ ڄاڻ جي دائري کي وڌايو ويو آهي. هن چيو ته پيمرا جي شروعات ۾ شق 5 ۾ ترميم ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائگي جو پابند بڻايو ويو آهي. 20 اي جي نئين شق ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن کي پگهارن جي وقت سر ادائگي جو پابند به بڻايو ويو آهي. 20 بي جي نئين شق ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايتن واري ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائگي جي سڀني فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بنايو ويو آهي، پگهارن جي عدم ادائگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي فراهم نه ڪيا ويندا. هن چيو ته بل ۾ صحافي جي تعريف ۾ ميڊيا ورڪرز کي شامل ڪيو ويو آهي. لائسن رکندڙ ميڊيا هائوس جو ملازم چاهي اهو ڊيسڪ تي هجي يا ڊي ايس اين جي ۾ ويٺل هجي يا ڪيمرا مين هجي اهو ميڊيا ورڪر جي تشريح ۾ شامل هوندو. هن چيو ته مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي حوالي سان ترميم ڪئي وئي آهي. مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن مٿان ان کان پهرين 2002ع جي قانون ۾ هتڪ عزت جي تشريح موجود آهي. ان قانون تحت متاثر شخص کي عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو هو، اسان ان بل ۾ ڊس انفارميشن جي تشريح کي شامل ڪيو. ڊس انفارميشن مان مراد اها خبر آهي جيڪا تصديق جوڳي نه هجي، گمراهه ڪندڙ، ڪوڙي، هٿ ٺوڪي، ۽ جعلي هجي اهڙي خبر ڊس انفارميشن سڏرائيندي جيڪا ڪنهن ذاتي، سياسي يا مالي مفاد خاطر يا ڪنهن کي هراسان ڪرڻ لاءِ ڏني وئي هجي. لاڳاپيل شخص جو موقف وٺڻ کان سواءِ ڏنل خبر ڊس انفارميشن جي تشريح ۾ شامل هوندي. متاثر شخص جو موقف به ان ئي نمايان انداز ۾ نشر ٿيندو يا ان کي ڪوريج ڏني ويندي. جهڙي طرح ان خلاف ڊس انفارميشن ۾ ڏنل هوندي. هن چيو ته مس انفارميشن مان مراد اهو مواد آهي جيڪو جاچ کان پوءِ ڪوڙو ثابت ٿئي يا غلطي سان نشر ٿيو هجي، هن چيو ته ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جو تعين ڪندي چينل تي پابندي صرف پيمرا چيئرمين لڳائيندو هو، هاڻي ان جو تعين ٽه رڪني ڪميٽي ڪندي ۽ ان جو فيصلو پيمرا جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ڪندي . هن چيو ته ميڊيا ورڪرز ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ پنهنجي مسئلن جي حوالي سان شڪايتون ڪري سگهن ٿا، اهي شڪايتون ڪائونسل هر صوبي ۾ موجود هوندي. هن چيو ته پيمرا چيئرمين کان اختيار وٺي ڪميٽي ميمبرن ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ کي ڏنا ويا آهن. ڪنهن به چينل کي معطل ڪرڻ، پابندي لڳائڻ يا لائسن جاري ڪرڻ جو پيمرا چيئرمين جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان کان اڳ پيمرا اندر ميڊيا جي نمائندگي موجود نه هئي، پهريون ڀيرو پي ايف يو جي ۽ ورڪنگ جرنلسٽس کي نمائندگي ڏني وئي آهي، جڏهن ته پيمرا اٿارٽي ۾ اهم عهدن تي ٻن عورتن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ميڊيا کي فيصلي سازي جي شراڪت ڏني وئي آهي. ريگوليشن کي ڪو ريگوليشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ميڊيا جا اسٽيڪ هولڊرز، صحافي ۽ صحافتي تنظيمن جي پيمرا ۾ نمائندگي هوندي ته ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي حوالي سان قانون جو غلط استعمال نه ٿي سگهندو.

مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں