گذريل دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، هي ادارا صرف عمارتون نه قومي اثاثو آهن: مريم اورنگزيب

image

راولپنڊي -30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته گذريل دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، هي ادارا صرف عمارتون نه پر اسان جو قومي اثاثو آهن. نيشنل براڊ ڪاسٽرز سڄي دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ هوندا آهن، اسان جو مقصد قومي ادارن کي پاڪستان جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان جي تاريخ م پهريون ڀيرو 1000 ڪلو واٽ ڊجيٽل ڊي آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسميٽر کي لڳائڻ سان 52 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ريڊيو جي نشريات پهچي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي جي علائقي روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي 1000 ڪلو واٽ ڊجيٽل ڊي آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسميٽر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن سميت ٻيا به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو 1000 ڪلو واٽ ڊجيٽل ڊي آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسيمٽر لڳايو پيو وڃي، جيڪو ريڊيو پاڪستان جي تاريخ م اهم سنگ ميل آهي. هي ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان 1947ع کان اينالاگ ۽ شارٽ ويو جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيو هو. ان جا ڪيترائي ٽرانسميٽرز پنهنجو طبعي مدو پورو ڪري چڪا هئا. ريڊيو پاڪستان کي ڊجيٽل آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسميٽر جي سخت ضرورت هئي، ان ٽيڪنالاجي جي فراهمي تي وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ احسن اقبال جو شڪريو ادا ڪيان ٿي، وزيراعظم جي خاص هدايت تي ريڊيو پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ٽرانسميشن هاڻي 52 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڊجيٽل ميڊيم ويو ذريعي پهچي سگهندي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ميڊيم ويو جي 20 ٽرانسميٽرن مان 14 ٽرانسميٽر پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪا هئا، جنهن سبب پاڪستان جو حصو، ثقافت، نيوز ڪانٽينٽ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن تائين نه پئي پهچي سگهي. هن چيو ته ان ٽيڪنالاجي تي منتقلي سان بجلي جي استعمال ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو بچت ٿيندي ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي ۾ به اضافو ٿيندو. هن چيو ته پشاور ۾ 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان جي آرڪائيو، چاغي اسٽوڊيو ۽ ريڊيو جي عمارت کي باهه لڳائي وئي. اهڙي طرح 2014ع ۾ به هڪ گروهه پي ٽي وي تي حملو ڪيو، گذريل دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريديو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جا نعرا لڳايا ويا. هي صرف عمارتون نه پر اسان جو قومي اثاثو آهن. هن چيو ته اسان نه صرف ريڊيو پاڪستان پشاور جي بحالي جي منصوبي جي شروعات ڪئي، پر ريديو پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي اپگريڊيشن جي به شروعات ڪئي. اسان پي ٽي وي فليڪس جي به شروعات ڪئي جنهن اندر پي ٽي وي جي سڀني آرڪائيو کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ريڊيو پاڪستان جون سڀئي نيشنل آرڪائيوز به ڊجيٽل ٿي ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف جلد باضابطا طور تي انهن جو افتتاح ڪندو. وفاقي وزير سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊي جي طاهر حسن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ادارا دل سان ڪم ڪندا ته انهن سان واڳيل ملازمن جا مسئلا به حل ٿي سگهندا. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي مسئلن تي اطلاعات واري وزارت ناڻي وزارت سان گڏجي هڪ نظام جوڙيو آهي، هن چيو ته اسان روات ۾ ميڊيا سٽي جي شروعات ڪنداسين، اسان جو ويزن ۽ مشن آهي ته روزگار وڌي، ريڊيو پاڪستان سان واڳيل ملازمن جا حالات بهتر ٿين. ريڊيو جي ٽرانسميشن بهتر ٿئي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ريڊيو پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪري سگهجي، اهو ئي وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. هن چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي ادارن ۽ نوجوانن جي ترقي ۽ مختلف شعبن اندر سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ آهي. هي اهو ويزن آهي جنهن جي ذريعي اسان قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته 2016ع م نواز شريف جي دور م اسان آءِ ايم ايف کي خداحافظ چئي ڇڏيو هو، ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو هو، اسان آءِ ٽي جي استعمال سان ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته الحمدلله اڄ ريڊيو پاڪستان کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي، اسان جو مقصد ادارن کي پاڪستان جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. مان سڀني وزارتن جي شڪر گذار آهيان جن هن منصوبي ۾ پنهنجو حصو وڌو. هن چيو ته اسان سڌ سماءَ واري وزارت جي ٻين ادارن کي به ڊجيٽل ڪيو آهي. اڄ جنهن تي پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهيان، هن جڳهه کي پنجن سالن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان پنهنجي فني مهارت ذريعي بحال ڪيو آهي، جنهن تي ريڊيو پاڪستان جي سمورن ملازمن ۽ انتظاميه کي مبارڪون ڏيان ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشاورت سان نگران سيٽ اپ جو اعلان ڪيو ويندو. پارليامينٽ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو به اتحادي حڪومت ۽ وزيراعظم ڪندو. نگران وزيراعظم جي حوالي سان جيڪو به نالو هوندو اهو سامهون اچي ويندو.

مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں