اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳالهه ٻولهه ۾ لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽا??يم افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات پاڪستان جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ٽا??يم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ميري ٽا??يم ڊومين ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽا??يم پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ادراڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيا?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.