طارق فضل چوڌري سان سندس ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري جي جوان پٽ جي حادثاتي موت جي ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري جي جوان پٽ جي ڪار حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي ڏک ٿيو آهي. والدين جي لاءِ ٻارن کي وڃائڻ کان وڌيڪ دل کي ڌوڏيندڙ ڪا شيءَ ناهي هوندي. ناقابل بيان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجي دل چوڌري طارق فضل ۽ سندس سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم جي روح کي سڪون ڏي.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں