اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ ل??ئي?? انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽن جي ب??ري ۾ پاليسي ب??تر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ ل??ئي?? ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪمپنين ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيلن جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري رهيون آهن، انشورنس ڪمپنيون انشورنس کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون هيون. پاليسي هولڊرز کي مجاز ميڊيڪل آفيسرز ۽ انشورنس ڪمپنين جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي ب??وجود ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ ل??ئي?? انشورنس جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ ل??ئي?? کي ٻن پاليسي هولڊرزن جي خاندانن جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ ل??ئي?? کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپين ??ي ل??ئي?? انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون، پاليسي هولڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن انشورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ ل??ئي?? سان رابطو ڪيو پر انشورنس کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ ل??ئي?? کين ان بنياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو هيپاٽ??ئي??س سي، گردي جي د??ئي??ي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پاليسي هولڊرز انشورنس کان پهرين انهن بيمارين جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان جي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ ل??ئي?? صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي پاليسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي بيمارين جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته ميڊيڪل آفيسرن جون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پاليسي هولڊرز جي طبي معائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئي?? ادائيگين کان انڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئي?? ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري ب??انتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ ل??ئي?? انشورنس کان پهرين بيمارين جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش ن?? ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئي?? لاڳاپيل خاندان جي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي ب??تر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئي?? ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيمارين جي ب??ري ۾ انشورنس پاليسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي مرضن جي خدشن جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.