اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي شقن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آ??ن، بيان موجب پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس م??ڪل?? جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پ??ري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آ??ي. پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جن??ري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاهدي تحت ٿيندي آ??ي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.