پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادر?? کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، قدرتي آفتن سان سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، معاشي واڌويجهه ر??جي وئي، دنيا کي موجوده معاشي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهي اجلاس جي موقعي تي مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران عالمي اڳواڻن جو ڌيان ان خارجي ??ملن طرف ڇڪرايو جنهن سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ شديد بحران پيدا ٿيو. انهن عملن جي ڪري ترقي ر??جي وئي، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، بعد ۾ شديد موسمي واقعن مان بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته عالمي برادر?? کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ برابر مالياتي اصول تي لاس اينڊ ڊيميج فن?? کي فعال ڪرڻ، اهڙين گرانٽس جي فراهمي جيڪي اسرندڙ ملڪن جي وڏن قرضن ۾ اضافو نه ڪن ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ??طري ۾ ورتل ملڪن کي ماحولياتي خطري جي ??نڊيڪس جي ??نياد تي فنڊ تائين پهچ جي قابل بڻائڻ شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) هاصل ڪرڻ جي لاءِ مالياتي فرق کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي سان گڏوگڏ موسمياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي وڏي قيمت ??دا ڪرڻي پئجي ??هي آهي، جيڪا ساليانو کربين ڊالر آهي. هن چيو ته دنيا کي موجوده معاشي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي جي ??ور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. عالمي مالياتي ڍانچي تي ٻيهر غور ان جي ٻيهر شروعات جو پهريون نقطو ٿي سگهي ٿو، جتي آءِ ايس آئيز پنهنجي پروگرامن کي ترقي وارن ۽ ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي انصاف جي هدفن سان ڳنڍڻ جي لاءِ ڊيزائين ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دنيا کي هن وقت حقيقت کان آگاهي جو لمحو سامهون آهي، اچو اسان سڀ يڪجهتي ۽ همدرديءَ جي ??ذبي سان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جو وچن ڪريون.