اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرو?? جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي منتقلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا جي مالي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب سربراهه اجلاس جو مقصد ايندڙ ٻن سالن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنس?? جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌار?? جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدم?? جي وضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اينڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي ف??انس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاص?? ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.