اسلام آباد – 07 – جون (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان ??هچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ پاڪستان دشمن ايجندا ۽ 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ آهي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه سان ??ر وقت هر ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان ??هچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي، اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهي مشن جي لاءِ ورتي وئي، انهي فارن فنڊنگ سان ??لڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلائي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو و??و جنهن جي ذريعي پاڪستان جي آئيني ۽ دفاعي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ۽ 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان ??دد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ پاران خلاف ورزي انهي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهُڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي کي منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ اقتدار تي مڙهيو و??و جنهن سي پ??ڪ روڪيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پ??اهه ڏني ۽ هاڻي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي آهي. هن چيو ته انهي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو و??و، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي مهم پڻ اصل ۾ انهي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئن پاڪستان جي عالمي امداد روڪرائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.