اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙ??ڪا??ن کي پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي تي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولسار انجنيئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر ??ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولسار انجنيئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙ??ڪا??ي وڌائڻ ۾ گهري دل??سپ?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار انجنيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي وڌائڻ ۾ دل??سپ?? جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.