عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن بابت ڪير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آهي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ماڻهن کي تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي يادگارن کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ جعلي خبرن جو طريقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں