اسلام آباد – 15 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 ??ئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تب??هي جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته سالن جي ترقي جو سفر 9 ??ئي تي تب??هي جو منظر پيش ڪري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس اسٽيشن جي پراڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪئي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي ک?? پي ٽي آءِ پاران باهه لڳائڻ کانپوءِ تب??هي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سالن جي ترقي جو سفر 9 ??ئي تي تب??هي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس اسٽيشن کي پي ٽي آءِ تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو ۽ ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو.