پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سان گووا ۾ ملاقات

image

اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مخرالدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ڪاسا – 1000 سميت رابطن جي منصوبن جي جلد پڄاڻي تي به اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں