چين پاڪستان سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 72هين سالگره، چيني سفارتخاني ۾ پاڪستاني سفيرن سان ”چين پاڪستان بي مثال دوستي ۽ روشن مستقبل“ جي عنوان سان آجياڻي واري تقريب منعقد

image

اسلام آباد -22 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 72هين سالگره جي موقعي تي هتي چيني سفارتخاني ۾ پاڪستاني سفارتڪارن سان گڏ ”چين پاڪستان بي مثال دوستي ۽ روشن مستقبل“ جي عنوان سان هڪ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي.

 

تقريب جو خاص مهمان چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل مظهر جاويد آجياڻي کي خطاب ڪيو. آجياڻي واري تقريب ۾ چين ۾ پرڏيهي وزارت جي عملدارن چين ۾ اڳوڻن پاڪستاني سفيرن ۽ چيني سفارتڪارن کان علاوه نوجوان پاڪستاني سفارتڪارن به شرڪت ڪئي. پينگ چنڪسو چيني سفارتخاني ۾ دوستن جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گهرن تاريخي پاڙن، ٺوس عوامي حمايت ۽ اهم عملي ضرورتن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته هن سال صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10هين سالگره ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي شروعات جي 10هين سالگره آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن پاران گڏيل ڪوششن سان سي پيڪ صنعت، زراعت، آءِ ٽي، قدرتي آفتن کان بچاءَ ۽ غربت جي خاتمي وغيره جي شعبن ۾ لاڀائتا نتيجا حاصل ڪيا آهن، جنهن پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان جي انفراسٽرڪچر کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ بهتري بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ بهبود، عوام وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ سبب سي پيڪ، چين پاڪستان سهڪار جو ناليواري سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ چين پنهنجي جديد ڪاري جي عمل کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي. چين پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي چيني جديديت ۾ نئين ڪاميابين سان گڏوگڏ نوان موقعا فراهم ڪندو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن طور چين ۽ پاڪستان ٻئي مسلسل ترقي جون راهون تلاش ڪري رهيا آهن، جيڪي انهن جي قومي حالتن مطابق آهن ۽ ٻنهي ملڪن عالمي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. چيني سفارتخاني جي ناظم الامور چنڪسو چيو ته 5 مئي کان 6 مئي تائين چين جي رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير ڪن گينگ پاڪستان جو ڪامياب دورو ڪيو، جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن ۽ چين پاڪستان هڪ موسمي تعاون جي شراڪتداري کي مضبوط ۽ وسعت ڏيڻ ۾ تمام گهڻي اهميت وارو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي سفارتڪارن جي محنت، ڪوششن ۽ شراڪتداري لاءِ کنيل قدمن کي به ساراهيو. هن زور ڀريو ته چين ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان سان هٿ ملائيندو ۽چين پاڪستان دوستي جي عظيم مقصد کي اڳڀرائي سان مسلسل هٿي ڏيندو.

تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان چين ۽ پاڪستان جي بي مثال دوستي ۽ تعاون جي ڪاميابين ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳوڻن سفارتڪارن جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ جي تبديلي خود ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي ڏيڻ جي شاهد آهي. چين پنهنجي سفارتخاني جي ڪمپائونڊ پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي جيڪو فارن سروس اڪيڊمي بڻجي ويو ۽ نئون ڪمپائونڊ پرڏيهه ۾ سمورن چيني سفارتخانن ۾ سڀ کان وڏو ڪمپائونڊ بڻجي ويو. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته چيني دوست هميشھ پاڪستان جي خودمختياري ۽ آزادي، مالي استحڪام ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ فراخدلاڻي مدد ۽ حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري سان پاڪستان جي معيشت ۽ معاشري ۾ خوشحالي ۽ ترقي ٿي آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان دل سان شڪرگذار آهي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10 هين سالگره ۽ سي پيڪ جي شروعات جي موقعي تي چين ۽ پاڪستان کي گڏيل طور ان يادگار لمحي کي ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي چين پاڪستان دوستي جو جهنڊو سفارتڪارن جي نئين نسل جي حوالي ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفارتڪار گڏيل مستقبل سان هڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان موقعي تي پاڪستاني نوجوان سفارتڪارن چيو ته تقريب ۾ استقبال تمام گرمجوشي واري ۽ متاثر ڪندڙ هئي، جنهن سان چين ۽ پاڪستان جي باري ۾ انهن جي علم ۽ سمجهه ۾ واڌارو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي نوجوان سفارتڪارن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں